پوربي واءُ

پوربي واءُ: هي درياهي ٻيڙيائن جو اصطلاح ۽ هوا جو قسم آهي. هيءُ واءُ اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ کان لڳندو آهي، جنهن تي لهواري ٻيڙي تکي هلندي آهي. پوربي واءُ، پورب جي ڪڪرن مان لڳندو آهي۽ ملاح پوربي ڪڪرن کان لهرائيندا آهن ۽ اڪثر ڪري ٻيڙيون بيهاري ڇڏيندا آهن، ڇو ته پوربي هوا ڪڏهن طوفان جي روپ ۾ به اچي لهندي آهي ۽ ملاحن ۾ پريشاني پيدا ڪندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو